برائيءَ جو بدلو

برائيءَ جو بدلو

برائيءَ جو بدلو

برائيءَ جو بدلو (ڪتاب): هي ڪتاب ٻارن جي ليکڪ وحيد محسن جي ٻاراڻين ڪهاڻين تي مشتمل آهي. جنهن جو مهاڳ عبدالجبار عبد لکيو آهي، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪ گوهر سنڌيءَ جو ليکڪ بابت رايو ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ 12 ڪهاڻيون شامل آهن، جن ۾: (1) چوري،
(2) امتحان، (3) برائيءَ جو بدلو، (4) پکين کي نه ستائجي، (5) رزلٽ، (6) محنت جو ڦل، (7) جاني انڌو ٿي ويو، (8) ڪوشش،
(9) خودڪشي، (10) احساس، (11) پٿر ۽ غليل ۽ (12) عيد جو ڏينهن. سڀئي ڪهاڻيون نصيحت ڀريون آهن. 32 صفحن تي مشتمل رنگين ۽ پڪي ٽائيٽل سان ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 10 روپيا آهي، جنهن کي سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو